ھي ڪيفيت ڇا آھي، ۽ ان جي قوت ايڏي قوي ڇو آھي؟
ھي ڇڙواڳ پر ڇڪ سان ڀرپور ھوائون ڇا آھن؟
ھي جو انھن ۾ ھڳاء آھي، سو ڪيئن آھي، ڪٿان آيو آھي؟
ھي جي صحرا، سمنڊ، جبل، ۽ ويران واديون آھن۔۔۔
سي ڀلا ايڏيون حسين ڇو آھن؟
ڇا انھن جو به ڪو زوال آھي، جيئن شھرن جو ھوندو آھي۔
پر زوال جو به ھڪ لڳ ئي نشو آھي؛
زوال جي به ھڪ پنھنجي ئي ڪشش آھي؛
زوال جي به ته ھڪ اڻ کٽ روداد آھي۔۔۔
جيڪا ھر موسم جي ماھيت ۾ عيان آھي،
۽ جيڪا انسان جي انڊلٺي وجود ۾ سدا رقصان رھي ٿي۔۔۔
This poem has not been translated into any other language yet.
I would like to translate this poem